ترنگ جو تيرٿ

ترنگ جو تيرٿ: مشهور عالم، اديب، سياستدان ۽ صوفي منش ڄيٺمل پرسرام جي ڊائري ”ترنگ جو تيرٿانگريز دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکيل پهرين جيل ڊائري آهي، جڏهن 30 مارچ 1919ع تي دهليءَ ۾ رولٽ ايڪٽ خلاف مهاتما گانڌيءَ جي اپيل تي سڄي هندستان ۾، دهلي سميت مظاهرا ٿيا هئا ته دهلي جي چاندني چوڪ ۾ عوامي جلوس تي انگريز جنرل اوڊاير فائرنگ ڪرائي هئي، جنهن ۾ ڪيترا احتجاجي ماڻهو شهيد ٿيا هئا، ان واقعي خلاف سنڌ جي بهادر صحافي ڄيٺمل پرسرام ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ”هند واسي“ اخبار حيدرآباد ۾ شاهه لطيف هيٺينءَ بيت جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو هو:
اڳيان اڏين وٽ، پوين سِر سباهيا
ان ايڊيٽوريل جي سخت ٻوليءَ تي مڇر جي ان وقت جي ايڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ ايڇ. ٽي. سورلي کيس چار سال قيد جي سزا ڏني. جيڪا بعد ۾ ٻن سالن جي قيد ۾ تبديل ٿي هئي. قيد دوران ڄيٺمل پرسرام ”ترنگ جو تيرٿ“ جي عنوان سان جيل ڊائري تحرير ڪئي جيڪا آزاد ٿيڻ کان پوءِ هن ڇپرائي هئي.
خوشقسمتيءَ سان اها ڊائري (ڪتاب) سائين جي. ايم. سيد جي لائبرري ۾ موجود هئي، جنهن جي فوٽو ڪاپي هٿ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب مدد علي سنڌيءَ ان ڊائري کي ڄيٺمل پرسرام جي سوانح احوال، تصنيفن ۽ سندس حيدرآباد واري گهر ۽ هند واسي اخبار جي دفتر وغيره جي تصويرن سميت ترتيب ڏئي اشاعت لائق بنايو هو، پر افسوس جو ان ڊائريءَ جو هي وڌايل سڌاريل ايڊيشن شايع نه ٿيو آهي .


لفظ ترنگ جو تيرٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو